ڪوهاٽ – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جديد تعليم اسان جي ترجيح آهي، تعليم يافته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، استادن جو تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، شاگردي واري دور ۾ گذاريل وقت شاگردن کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ۽ نوجوان ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. شاگردي واري وقت ۾ گذاريل وقت اسان کي مستقبل جي لاءِ تيار ڪري ٿو. جديد تعليم خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. اسان کي پاڻ کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. نگران وزيراعظم چيو ته استاد تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. والدين تي به انتهائي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين به??رين نتيجا ڏنا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته هي ڪاليج منهنجو مادر ??لم?? رهيو آهي. آئون 1984ع ۾ بلوچستان جي هڪ پٺتي پيل علائقي مان تعليم جي لاءِ هن ڪاليج ۾ آيس. آئون زندگي ۾ اڄ هن مقام تي پهتو آهيان ته ان جو ڪريڊٽ منهنجي هن مادر ??لم?? جي استادن ڏانهن وڃي ٿو. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس کي تلقين ڪئي ته اهي محنت، ايمانداري ۽ لگن سان اڳتي وڌندا وڃن، انهن جي لاءِ زندگي ۾ چئلينجز هوندا، مشڪليون اينديون پر ڪاميابي انهن جو مقدر هوندي. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ سٺو انسان بڻجڻ ??ي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. تقريب ک?? خطاب دوران نگران وزيراعظم جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج مان فارغ ٿيل آهي، هن پنهنجي مادر ??لم?? جي ڪيترن ئي استادن جو نالو کڻي ذڪر ڪيو ۽ انهن کي ياد ڪندي نگران وزيراعظم روئڻهارڪو ٿي ويو. نگران وزيراعظم چيو ته مون ۾ اڄ جيڪو ڪجهه به??ر آهي ان جو سهرو منهنجي استادن ڏانهن وڃي ٿو. ان کان اڳ پرنسپل برگيڊيئر (ر) طفيل محمد خان چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين به??رين نتيجا ڏنا آهن ۽ بورڊ امتحانن ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ به??رين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاليج جي فارغ ٿيندڙ شاگرد مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا اهن. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس جي پريڊ جو معائنو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ڪيڊٽس جي دستي سلامي ڏني. هن چيمپيئن شپ جو جهنڊو رستم هائوس جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين بورڊ آف گورنر ميجر جنرل ذوالفقار علي ڀٽو پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس پاران گهوڙي سواري، نيزه بازي ۽ جمناسٽڪس جو مظاهرو پڻ ڏٺو. نگران وزيراعظم نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ به??رين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي پرنسپل نگران وزيراعظم کي ڪاليج جو سووينيئر پيش ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Savior-Sword Rasmi Tafrehi Website
-
بہترین سرکاری تفریحی ایپ سلاٹ مشین گیمز کے لیے
-
Captain's Bounty سرکاری تفریحی لنک
-
50 wheelie-doers arrested on Independence Day
-
Indian Republic Day observed as Black Day by Kashmiris
-
Win-Win Fish, Shrimp and Crab App Game: ایک دلچسپ کھیل
-
لکی کاؤ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
گولڈن جیم آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
ای وی او آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فائدے
-
قابل اعتماد اولمپس بیٹنگ پلیٹ فارم کے گیٹ ویز کی خصوصیات اور فوائد
-
انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ لنک پر کال کریں اور قیمتی انعامات جیتیں
-
الیکٹرانک سٹی آفیشل انٹرٹینمنٹ لنک کی جدید سہولیات