فيصل آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري پارليامينٽرين، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صوبائ?? اسيمبلي ميمبر ميان طاهر جميل چيو آهي ته موجوده حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪشمير جي مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سفارتي سطح تي دنيا کي ڀارتي ظلمن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي غاصباڻي قبضي جي خلاف ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستاني قوم مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي جڏهن ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عالمي طاقتن جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائڻ آهي. هن چيو ته مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڀرپور مذمت جي لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سڄي قوم ثابت ڪندي ته اها هر لمحي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه ??ڳ آهي.
متعلقہ مضامین
-
ٹین ٹائمز وکٹری آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
DSP rape case: DNA samples sent for tests
-
Myanmar ferry disaster death toll tops 50
-
Foes working aggressively for CPECs failure: Ayaz Sadiq
-
COAS confirms death sentences of 10 more terrorists
-
PRA graduates bestowed with honour to defend motherland
-
Morphine shortage hits hospitals
-
MW Electronic Entertainment کا سرکاری داخلہ
-
ڈائس ہائی اور لو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ تفریح کا نیا مرکز
-
فلائٹ کنٹرول الیکٹرانکس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل تفصیل
-
AG آن لائن آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ لنک پر کال کریں اور قیمتی انعامات جیتیں